نيب مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور: (م ڊ)  نيب مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جي لاءِ ڪوٽ لکهپت جيل پهتي هئي جتان نيب ٽيم پهريان ئي موجود هئي جنهن مريم نواز کي اتي پهچڻ شرط گرفتار ڪري ورتو.نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري شگرملز ڪيس ۾ مريم نواز 31 جولاءِ تي موڪليل سوالنامي جا اطمينان جوڳا جواب نه ڏنا هئا جنهن تي کيس ٻيهر سوالناما موڪليا ويا هئا ۽ کيس اڄ جواب ڏيڻ جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو پر مريم نواز نيب ٽيم جي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻئي طرف جيئن ئي  نيب لاهور جي ٽيم کي مريم نواز جي ڪوٽ لکهپت جيل وڃڻ جي خبر ملي ته نيب لاهور جي ٽيم عورت اهلڪارن سان گڏ ڪوٽ لکهپت جيل پهتي ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب نيب طرفان مريم نواز کي ڏنل سوالنامي مان سرمائيڪاري ۽ ايراضي بابت مختلف سوال ڪيا ويا هئا ۽ اهو پڇيو ويو هو ته چوڌري شوگرملز جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن ۽ اها مل ڪڏهن لڳائي وئي. سرمائيڪاري ڪٿان کان آئي ۽ شيئر هولڊر ڪير آهن.ٻئي طرف مريم نواز جي گرفتاري جي خبر ملندي ئي قومي اسيمبلي ۾ شيم شيم جا نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا ۽ مسلم ليگ(ن) جي ميمبرن طرفان اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري گوڙ ڪيو ويو جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران به ايوان کان واڪ آئوٽ ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح جو 11 بجي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *