اسلام آباد: (بيورو) مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهدخاقان عباسي ٻين گرفتار اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ تائين پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ احتجاجن شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اهم ترين قومي مسئلي تي طلب ڪيل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي لاءِ ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ شرمناڪ حرڪت آهي.حڪومت جي ڪشمير سان اها همدردي آهي جو اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ ۾ سندن ٽنگون ڏڪي رهيون آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جمهوري ۽ قانوني حق کي پنڻ جي برابر ڪرڻ ڪم ظرفي جي انتها آهي اها کلي ناانصافي ۽ غير پارلياماني ۽ آمرانه رويو آهي جنهن جي سامهون اسان نه جهڪنداسين.جيستائين ٻين اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيندا تيستائين مان به آرڊر قبول نه ڪندس. ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آصف زرداري، شاهد خاقان عباسي ۽ سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا پر رانا ثناءُالله علي وزير ۽ محسن داوڙ جا پروڊڪشن آرڊر جاري ناهن ڪيا ويا.