راولپنڊي: (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جو ساٿ ڏيندي رهندي. آءِ ايس پي آر موجب ڪشمير جي صورتحال تي ڪوٺايل ڪورڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي جنه ۾ حڪومت طرفان ڀارتي قدمن کي رد ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 يا 35 اي کي ناهي مڃيو.ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ آرمي چيف قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جو ساٿ ڏيندا رهنداسين. اسان هر طرح جي حالتن جي لاءِ پوري طرح تيار آهيون ۽ پاڪ فوج پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي.ياد رهي ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي خودمختار حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪندي رياست کي 2 حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو هو.