اسلام آباد: (بيورو) فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارت هر گهر جي ٻاهران 10 فوجي بيهاري ڇڏيا آهن اسان ڪشميرين جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. اسان کي پاڻ ۾ ملي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي مذمت ڪرڻي آهي.وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير جي معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. اڄ قوم جي حيثيت سان ڪشميري عوام کي ٻڌي جو پيغام ڏيڻ گهرجي. پاڪستان ڪشمير کان سواءِ اڌورو آهي. ڪشمير اسان جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ اسان جي جسم ۾ رت بڻجي ڊوڙي رهيو آهي. پاڪستان جو ٻچو ٻچو سمجهي ٿو ته پاڪستان ڪشمير جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشمير جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڪي به اختلاف ناهن. اعظم سواتي پيش ڪيل قرارداد ۾ ڀارت کي خاص طور تي ٽارگيٽ ڪيو هو. قرارداد پارليامينٽ جي خواهشن جي عڪاسي ڪندي.