راولپنڊي(م ڊ)ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد ايندڙ 15 ڏينهن دوران سرينگر جون حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي تازين ڪاررواين تي پنهنجي خصوصي بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بنيادي طور تي هڪ دهشتگرد آهي. هن هڪ مسلمان کي به سيٽ نه ڏني ۽ نه ئي وري ڪنهن مسلمان کان ووٽ گهريو.ريلوي وزير وزير چيو ته مودي سرينگر ۾ اسرائيلي طريقي وارو اسٽرڪچر آڻڻ چاهي ٿو. ڀارت 40 هزار پيراٽروپس ڪشمير ۾ کڻي آيو آهي. هن جو چوڻ هو ته نريندر مودي جي خواهش آهي ته سرينگر کي سڌو سنئون نئين دهلي کان ڪنٽرول ڪيو وڃي پر ائين ڪشميرين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندو. شيخ رشيد چيو ته نريندر مودي کي سڀ کان وڏي تڪليف وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ڪامياب ڳالهين سان ٿي آهي. هن چيو ته ڀارت جي آمريڪا ۾ زبان ڪجهه ٻئي آهي ۽ ڀارت ۾ ڪجهه ٻئي. پر صدر ٽرمپ ڀارت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان کي پوري طاقت، جوش ۽ ولولي سان پاڪ فوج سان گڏ بيهڻو آهي. شيخ رشيد احمد چيو ته نوجوان ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف هر موڙ تي آواز اٿاريندا.