لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ نابالغ ٻار جي مذهب بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نابالغ مسيحي ٻار کي ناحق قيد رکڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ناصره بي بي الزام هنيو ته 14 ورهين جي نياڻي مسڪان کي ڪم لاءِ گهر تي رکرايو، نياڻي جو مذهب تبديل ڪرائي هاڻي ساڻس ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي. ان موقعي تي عدالتي معاون شيراز ذڪا ايڊووڪيٽ چيو ته اعليٰ عدالتن جا فيصلا آهن ته نابالغ ٻار پنهنجي والدين جي مذهب تي هوندو، نابالغ ٻار جي مذهب تبديل ڪرڻ جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي. عدالت ڪيس ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نابالغ ٻار پنهنجي والدين جي مذهب تي هوندو ۽ بالغ هئڻ تي ٻار پنهنجي مرضي سان مذهب تبديل ڪري سگهي ٿو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ٻارڙي کي والدين جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.