سنڌ ڪابينا ۾ واڌ: ناصر شاهه، باري پتافي، ڄام اڪرام ۽ سهيل سيال وزير طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي شامل 4 نون ميمبرز وزير طور حلف کڻي ورتو آهي. گورنر هائوس ۾ تقريب دوران سنڌ ڪابينا ۾ شامل چئن نوَن ميمبرز سيد ناصر شاهه، عبدالباري پتافي، ڄام اڪرام ڌاريجو ۽ سهيل انور سيال حلف کڻي ورتو. گورنر عمران اسماعيل کانئن وزير طور حلف کڻايو ۽ وڏي وزير سوڌو صوبائي وزير تقريب ۾ شامل هئا. ڪابينا ۾ شامل چئني وزيرن کي اڃا تائين نوان کاتا ڏيڻ جي حوالي سان باضابطا طور نوٽڪيشن جاري ناهي ٿيو، پر هاڻي ڪابينا ميمبرز جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ 2 نوان صلاحڪار به شامل ڪيا ويندا، نثار احمد کهڙو ۽ اعجاز شاهه شيرازي جي صلاحڪار ٿيڻ بعد ڪابينا ۾ صلاحڪارن جو انگ 4 ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *