اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان پاران ڀارت کي ڪلڀوشن ياديو تائين قونصلر پهچ جي باضابطا طور آڇ ڪري ڇڏي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد فيصل هفتيوار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر تائين پهچ ڏيڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عدالت جي فيصلي موجب قدم کنيا پيا وڃن، ڀارت کي قونصلر تائين پهچ ڏيڻ بابت جمعي تي آگاهه ڪيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان طالبان سان ڳالهين ۾ نيڪ نيتي سان مددگار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي افغانستان مفاهمتي عمل ۾ هاڪاري ڪردار جي عالمي برادري واکاڻ ڪئي، طالبان سان وزيراعظم جي ڳالهين تي ڪم ٿي رهيو آهي.آمريڪي صدر جي امڪاني دوري بابت ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته آمريڪي صدر جي پاڪستان جي دوري تي ڪم ٿي رهيو آهي پر آخري تاريخ بابت اڃان ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي.