لاهور(پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوزپيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) پنهنجي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ ميڊيا ڪورٽن، مت ڀيد واري قانون سازي ۽ ميڊيا مٿان غير اعلانيه پابندين کي رد ڪندي مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان سي پي اين اي جي صدر عارف نظامي پاران لاهور ۾ سڏايل اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد ۾ ڪندي وڌيڪ چيو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ ميڊيا مٿان سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت پابنديون ۽ سختيون چوٽ چڙهيل آهن پر حڪومت جو ڪوبه ادارو ان جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا تمام ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. قرارداد ۾ چيو ويو ته آزاد ۽ ذمه دار ميڊيا ملڪ جي تحفظ، سياسي، معاشي ۽ ثقافت جي مضبوطيءَ لاءِ نه رڳو تمام ضروري آهي پر مختلف قسم جي تڪرارن، مختلف سوچ رکندڙ ماڻهن لاءِ پرامن ۽ اختلاف راءِ جي احترام کي هٿي وٺرائڻ خاطر هڪ اهم پليٽ فارم پڻ مهيا ڪري ٿو. قراداد موجب ته ماضيءَ ۾ به جڏهن ملڪي ميڊيا تي بندش وڌي وئي ته عوام وٽ معلومات لاءِ صرف غير ملڪي ميڊيا جو ذريعو باقي بچڻ سبب ملڪي تحفظ، سياسي ۽ معاشي حوالي سان پڻ وڏو نقصان رسيو هو. سي پي اين اي هميشه هر قسم جي بدعنواني خلاف آهي ۽ صحافت جي بهتر اصولن جي علمبردار ۽ شفاف صحافت جي حامي رهي آهي ۽ هاڻي به جيڪڏهن ڪي فرد يا ادارا ميڊيا جي لباس ۾ ڪا بي ايماني ڪن ٿا ته سي پي اين اي جو اهڙن ماڻهن سان ڪو به تعلق ناهي ۽ انهن خلاف ملڪي قانون پٽاندڙ ڪارروائي ٿيڻ کپي. سي پي اين اي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ آزاد، خودمختيار ۽ ذمه دار ميڊيا لاءِ مهم هلائي ويندي، جنهن تحت پاڪستان جي چئني صوبائي گادي وارن هنڌن سميت اسلام آباد ۾ به ميڊيا جو تحفظ جي عنوان هيٺ ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون، جنهن ۾ مختلف ميڊيا تنظيمن، هم خيال اڳواڻن ۽ ميڊيا ادارن کي مشاورت لاءَ دعوتون ڏنيون وينديون. اجلاس ۾ روزاني نئي بات جا اشتهار بند ڪرڻ جي مذمت ڪندي اهي ترت جاري ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو. سي پي اين اي جي اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ، نائب صدرن سردار خان نيازي، ارشاد احمد عارف، انور ساجدي، سينير ميمبرن عطاء الرحمان، اعجازالحق، اياز خان، ڪاظم خان، علي احمد ڍلون، خليل الرحمان، ملڪ لياقت علي، اويس رازي، وقاص طارق فاروق، اڪمل چوهاڻ، نجم الحسن عارف، احمد شفيق، زبير محمود خالد، امتياز روحاني، بشير احمد خان، عابد عليم، عثمان غني سيفي، اسلم ميان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.