چيئرمين سينيٽ جي چونڊن ۾ جمهوريت ۽ آئين جي سوڀ ٿيندي: شهباز شريف

اسلام آباد: (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ جمهوريت ۽ آئين جي سوڀ ٿيندي.اسلام آباد ۾ مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي سينيٽرن جي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس دوران شهباز شريف سينيٽرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته مخالف ڌر  متحد آهي.سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ جمهوريت ۽ آئين جي فتح ٿيندي ڇو ته مخالف ڌر کي واضح اڪثريت حاصل آهي. شهباز شريف چيو ته سينيٽ ۾ پارٽي اڳواڻن جي بنياد  تي کٽڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي پر حڪمرانن جي نيت خراب آهي هو غير آئيني  ۽ غير جمهوري عمل کان پاسو ڪن.ان موقعي تي(ن) ليگي سينيٽرن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته نوازشريف جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *