حاصل بزنجو پاران سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مشورو

اسلام آباد: (بيورو) سينيٽ چيئرمين جي لاءِ  مقررمخالف ڌر جي گڏيل اميدوار مير حاصل بزنجو چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.مير حاصل بزنجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  مان ان ڏينهن ئي کٽي ويو هئس جنهن ڏينهن منهنجو نالو سينيٽ چيئرمين جي لاءِ چونڊيو ويو هو. سينيٽ چيئرمين جي لاءِ مون کي مخالف ڌر جي 65 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته چوڌري تنوير پرڏيهه هجڻ سبب غير حاضر آهي جڏهن ته ڪامران مائيڪل به پروڊڪشن آرڊر تي ووٽ ڏيڻ ايندو.حاصل بزنجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صادق سنجراڻي کي راءِ ڏيندس ته هو پاڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي اهو ئي ان لاءِ ۽ اسان جي حق ۾ بهتر آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ سجاد طوري جو چوڻ آهي ته سينيٽ چيئرمين  استعيفيٰ نٿو ڏئي سگهي ان جي استعيفيٰ بابت خبرون هٿ ٺوڪيون آهنسجاد طوري وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ سندن اتحادي سينيٽ چيئرمين سان گڏ آهن هو ڪيئن ٿو استعيفيٰ ڏئي سگهي.  ياد رهي ته مخالف ڌر طرفان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتماد جي رٿ پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومت طرفان جواب ۾ پ پ پ سان تعلق رکندڙ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊي والا جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي آهي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *