دوحا: (م ڊ) افغان طالبان چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان طرفان اسان کي دوري جي دعوت ڏني وئي ته اسان اها قبول ڪنداسين ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪنداسين.قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيوته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان طرفان رسمي طور ڳالهين جي دعوت ڏني ويندي ته اسان پاڪستان وينداسين. هن چيو ته اسان ته خطي ۽ پاڙيسري ملڪن جا دورا ڪندا رهيا آهيون جيڪڏهن اسان کي پاڪستان طرفان رسمي دعوت ملي ته اسان وينداسين ڇو ته پاڪستان اسان جو پاڙيسري ۽ مسلمان ملڪ آهي.سندس چوڻ هو ته اهي ماڻهو جن وٽ طالبان خلاف جهيڙي جو ٻيو ڪو دليل ناهي اهي اسان کي پاڪستان جي پراڪسي قرار ڏين ٿا، ماضي ۾ به اهڙا الزام لڳندا رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ به لڳندا رهندا. سهيل شاهين چيو ته هڪ ته اسان جا اسلامي ۽ قومي مفاد آهن جنهن ۾ ڪنهن کي به مداخلت ڪرڻ نه ڏيندا آهيون جيتوڻيڪ جيتري تائين ٻين ملڪن يا وري پاڙيسري ملڪن سان رابطا قائم ڪرڻ جو سلسلو آهي انهن سان اسان جو رابطو آهي ۽ اسان چاهيون به ٿا. هن چيو ته پرڏيهي طاقتن سان ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ سمورن افغان ڌرين سان افغان حڪومت سان به ملاقات ڪنداسين. طالبان ترجمان چيو ته اسان افغانستان جي مسئلي کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي، هڪ پرڏيهي ۽ ٻيو اندروني، پهرين مرحلي ۾ جاري ڳالهيون هاني پڄاڻي واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، جيڪڏهن اهي ڳالهيون ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته اسان ٻئي مرحلي ۾ سمورن افغان ڌرين سان ڳالهيون ڪنداسين، جنهن ۾ افغان حڪومت به هڪ ڌر جي حيثيت سان شامل ٿي سگهي ٿي.