نيويارڪ: (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کي هٿيارن جي وڪرو کان روڪڻ واريون 3 قراردادون ويٽو ڪري ڇڏيون.ٽرمپ انتظاميه ڪانگريس جي منظوري کان بغير مئي ۾ سعودي عرب کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جو چيو هو ۽ ايران کي وچ اوڀر جي لاءِ بنيادي خطرو قرار ڏنو هو. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو گذريل مهيني ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته ايران جي ڌمڪين سبب آمريڪا پنهنجي ٻن اتحادين کي 8 ارب 10 ڪروڙ ڊالر ماليت جا هٿيار وڪرو ڪندو.ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي ڪانگريس سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کي هٿيارن جي وڪري تي پابندي جون قراردادون منظور ڪيون هيون. هٿيارن جي وڪري کي روڪڻ جي قراردادن جي منظوري تي وائٽ هائوس جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن اسان هٿيار وڪرو نه ڪيا ته اهو تاثر ويندو ته آمريڪا پنهنجي اتحادين سان گڏ ناهي هوندو ۽ خاص ڪري ان وقت جڏهن کين ڌمڪيون ملي رهيون هجن.هاڻ رپورٽون آهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کي هٿيارن جي وڪرو کان روڪڻ جون 3 قراردادون ويٽو ڪري ڇڏيون آهن. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ويٽو پاور استعمال ڪرڻ جو هي ٽيون واقعو آهي.