حڪومت وٽ ڏهه لک به ناهن ته ڊي چوڪ تي چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جج عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت وٽ 10 لک روپيه به ناهن ته ڊي چوڪ تي چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ بني گالا، ڪورنگ نالي ۾ غير قانوني حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. گندگي بابت ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اسلام آباد جي ماسٽر پلان ۾ تبديلي جون تجويزون به طلب ڪري ورتيون.جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڪورنگ نالي تي لڳندڙ ٽريٽمينٽ پلانٽس لاءِ ڪيترو عرصو گهرب هوندو، سرڪاري وڪيل چيو ته ٽن ٽريٽمينٽس پلانٽس جي منظوري ٿي آهي ٻن سالن ۾ لڳي ويندا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مطلب ٻن سالن تائين حڪومت پنڊي وارن کي گندو پاڻي پياريندي، حڪومت ڪورنگ نالي جي ڀرپاسي آبادي ٺهڻ ئي ڇو ڏني، حڪومت ته غير قانوني آبادي ختم ڪرڻ جي معاملي تي بيوسي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته قانون تي عمل ٿئي ته آبادي کي هٽائڻ گهرجي، 10، 10 لک رپيه لڳائي وقتي طور پاڻي جي صفائي جو ڪم ڪري سگهجي ٿو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ پنج ڏهه لک به نه آهن ته ڊي چوڪ وٽ چندو گڏ شروع ڪري ڇڏي.عدالت حڪم ڏنو ته ماسٽر پلان ۾ تبديلي سوچي سمجهي ڪئي وڃي ۽ حڪومت فوري طور مختصر مدي وارا قدم کڻي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *