لاهور: (م ڊ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ حمزا شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ نيب اختيارين طرفان پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي فنانشل اسٽيٽمينٽس پيش ڪيون ويون.ٻڌڻي دوران جاچ آفيس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جي فنانشل اسٽيٽمينٽس جي سندس بينڪ سان ڀيٽ ڪئي وئي، سمورن اڪائونٽس ۽ آمدني جي 30 جون 2006ع کان 2007 تائين ڀيٽ ڪئي وئي.نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته جوابدار 2005ع دوران 20 ملين کان 45 ملين تائين اثاثن ۾ واڌ تي جاچ ڪرڻي آهي جڏهن ته هينئر تائين 16 ملين جي ماڊل ٽائون جي ملڪيت پرڏيهه مان موڪليل رقم مان خريد ڪرڻ جو انڪشاف ٿي چڪو آهي.پراسيڪيوٽر نيب عدالت کي ٻڌايو ته جاچ دوران 2 بي نامي ڪمپنيون سامهون آيون آهن ۽ ٻئي حمزا شهباز جون بي نامي ڪمپنيون آهن جيڪي سندس ملازمن نثار احمد، علي احمد خان، نديم سعيد ۽ محمد طاهر جي نالن تي آهن، سندس ٻنهي ڪمپنين ۾ 5 ارب روپيا منتقل ٿي چڪا آهن.نيب پراسيڪيوٽر وڌيڪ ٻڌايو ته نثار احمد وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪانٽريڪٽ ملازم به رهيو آهي. نيب اختيارين طرفان حمزا شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي وئي.ان موقعي تي حمزا شهباز جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته حمزا شهباز سمورو رڪارڊ نيب جي حوالي ڪري چڪو آهي ان ڪري سندس وڌيڪ جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي. عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي حمزا شهباز جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.