ڀارت ايٽمي هٿيارن تان هٿ کڻي وڃي ته پاڪستان به ايئن ڪندو: وزيراعظم

واشنگٽن:(م ڊ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا کان امداد نه پر تعاون گهريو آهي. اسان امداد نه پر واپار چاهيو ٿا. ڪا به قوم امداد سان نٿي هلي سگهي. هن چيو ته ملڪي حالتون بدلائڻ جي لاءِ سياست ۾ اچڻ ضروري هو.آمريڪا ۾ ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جي قسمت تبديل ڪرڻ جي لاءِ سياست شروع ڪئي. اسان جي ملڪ جي تنزلي جو اهم سبب بدعنواني آهي.پاڪستان 60 جي ڏهاڪي ۾ تيزي سان ترقي ڪئي پر ستر جي ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان جون حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿي ويون.هن چيو ته دنيا ۾ غربت جو سڀ کان وڏو سبب حڪمران طبقي جي ڪرپشن آهي. پاڪستان ۽ ڀارت کي غربت جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته مون 15 سالن تائين ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪئي.مون 20 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي. اسپورٽس کانپوءِ مون سماجي ڪم شروع ڪيا، ڪينسر جي اسپتال ٺاهي پر بعد ۾ مون کي احساس ٿيو ته صرف سماجي ڪمن سان ملڪي حالتون بهتر نٿيون ٿي سگهن.عمران خان چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. اڳوڻن حڪمرانن جي ڪرپشن سبب ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجهو هو. ادارن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *