دفاعي صنعت جي بهتري لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ضروري آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: (م ڊ)  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دفاعي صنعت جي بهتري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ضروري آهي.آءِ ايس پي آر موجب دفاعي پيداوار ۽ سيڪيورٽي انحصاري جي موضوع تي سيمينار ٿيو. سيمينار ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه شرڪت ڪئي.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته دفاعي پيداوار جي لاءِ حڪومتي ادارن سان گڏ خانگي ڀائيواري ضروري آهي.دفاعي پيداوار جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا وسيع موقعا موجود آهن. خود انحصاري جي پاليسي جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ضروري آهي.سيمينار ۾ وفاقي وزير زبيده جلال، فواد چوڌري ۽ عبدالرزاق دائود به شرڪت ڪئي. زبيده جلال ۽ فواد چوڌري ملڪي دفاعي صنعت کي موثر بڻائڻ تي خيالن جو اظهار ڪيو.واپار واري مشير رزاق دائود قومي سلامتي ۾ خود مختار دفاعي صنعت جي اهميت تي روشني وڌي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *