پولنگ جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل،23 جولاءِ تي گهوٽڪي ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان

گهوٽڪي/ڏهرڪي(رپورٽ؛سيد هاشم شاهه/وجي) صوبائي اليڪشن ڪمشنر گهوٽڪي ۾ شفاف چونڊن جي پڪ ڏياريندي چيو آهي ته پولنگ جي حوالي سان سمورا انتظام ڪيا ويا آهن. 23 جولاءِ تي گهوٽڪي ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف خٽڪ ڊي سي جي آفيس پهچي اين اي 205 تي ننڍي چونڊ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو. اُن موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته تڪ تي 3 لک 60 هزار 875 ووٽرز رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته پولنگ لاءِ 178 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. اين اي 205 تي ننڍي چونڊ لاءِ 290 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ننڍي چونڊ کي هر صورت ۾ شفاف بڻايو ويندو، اُن حوالي سان مانيٽرنگ ٽيمون جوڙيون ويون آهن. هُن چيو ته پولنگ واري ڏينهن اُميدوار پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر پري پنهنجي ڪئمپ قائم ڪندا، ننڍي چونڊ جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان به جوڙيو ويو آهي.جڏهن ته 22 جولائي تي ڊگري ڪاليج گهوٽڪي کان چونڊ جو سمورو سامان پولنگ اسٽيشنز تائين پهچايو ويندو.ان سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن.هن چيو ته گهوٽڪي جي تڪ اين اي 205 تي 290 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن مان 125 انتهائي حساس ۽ 165 حساس آهن 2 هزار 314 ملازم ذميواريون سنڀاليندا.جڏهن ته پاڪ فوج جا هڪ هزار 14 جوانن،سنڌ پوليس جي 2240 اهلڪارن سميترينجرز جا نوجوان حفاظتي انتظام سنڀاليئندا.سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *