ريڪوڊڪ ڪيس ۾ پاڪستان تي ڏنڊ: وزيراعظم طرفان ڪميشن جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد: (م ڊ )  وزيراعظم عمران خان ريڪوڊڪ ڪيس ۾ ڪميشن قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ريڪوڊڪ ڪيس ۾ پاڪستان کي ڏنڊ جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان ڪميشن جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڪميشن جاچ ڪندي آهي ته اها صورتحال ڪيئن پيدا ٿي ۽ پاڪستان تي ڏنڊ ڇو وڌو ويو. ڪميشن ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن بابت به فيصلو ڪندي.  انٽرنيشنل سينٽر فار سيٽلمينٽ آف انويسٽمينٽ ڊسپيوٽس ريڪوڊڪ جو معاهدو رد ڪرڻ تي پاڪستان تي 4 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جو ڏنڊ وڌو آهي جنهن تي هڪ ارب 87 ڪروڙ ڊالر وياج به ادا ڪرڻو پوندو.پاڪستان جي حڪومت ريڪوڊڪ ڪيس تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان اٽانري جنرل آفيس کان هڪ بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب عالمي عدالت سوين صفحن تي ٻڌل فيصلو جمعي جي ڏينهن ٻڌايو. اٽارني جنرل آفيس ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومت فيصلي جي قانوني ۽ مالي اثرن جو جائزو وٺي رهي آهي. پاڪستان جي حڪومت مشاورت کان پوءِ سمورن معاملن جو جائزو وٺي آئنده جو لائحه عمل طئي ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *