ڏهرڪي (رپورٽ؛هاشم شاهه ) اين اي 205 جي پ پ اميدوار سردارمحمد بخش خان مهر چيو آھي ته ڪيترو به ڀڄو پر شڪست اوهان جو مقدر بڻجي چڪي آھي۔ مختلف ڳوٺن مينهون مهر ۔ درياء خان گبول ۔ ڳوٺ حبيب الله ۔عبدالمجيد چاچڙ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته اليڪشن 18 تي ڪرايو يا 25 تي عوام تير تي ٺپو هڻي پ پ کي ئي سوڀارو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي۔ هن چيو ته پنهنجن پٺي ۾ خنجر هنيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ لکين جيالن کيس پنهنجو ڀاء بڻايو۔ هن چيو ته مان موقعي پرست سياستدان ناهيان جو روز ڪرسي جي لالچ ۾ ٻين وانگر وفاداريون تبديل ڪيان ۔ سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته ڀٽو ازم هڪ نظريو آھي ۽ نظريو توڙي ڀٽي خاندان ۽ ڪارڪنن جون قربانيون ختم ڪري نه ٿيون سگهجن ۔ سندس چوڻ ھو ته ڍنڍ جا پکي ڀلي ملڪ جي هڙني پارٽين جا جهنڊا ۽ اڳواڻن جون تصويرون بنگلن تي لڳائين پر هو ڀٽو ازم سان وفادار هو ۔آھي۽ رهندو ۔ سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته اها سياست جي توهين آھي ته هو پاڻ ھڪ پارٽي۾ ۔ پٽ ۽ ڀاء ٻي پارٽي۾ ۽ ڀائٽيو اڃا اڻ اعلانيل چوٿين پارٽي جو نمائندو هجي۔ هن چيو ته اها خدمت واري سياست نه پر ڌنڌوڙي سياست آھي جيڪا مهذب سماجن ۾ ڌڪار لائق آھي ۔ سردار محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مخالف اليڪشن مان ڀڄڻ چاهين ٿا پر مان کين ڀڄڻ نه ڇڏيندس سندس چوڻ ھو ته سندن آر او وٽان ڪم نه ٿيو ته ٽربيونل پهتا جتي به ناڪام ويا هاڻي هاء ڪورٽ مان به ناڪامي کين نصيب ٿيندي ۔ ڇوته کيس ادارن تي يقين آھي سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته مون تي الزام اهي انڌا ۽ منڊا لڳائي رهيا آھن جيڪي ٻه نمبري جي الزامن هيٺ خانڳڙھ مان ڪڍيا ويا۔ سندس چوڻ ھو ته منهنجي والد سردار غلام محمد خان مهر به عام ماڻھن کي ڏنو ۽ مان به سندن خدمت تي يقين رکان ٿو۔ پرمون تي الزام آھي ته ملڪيتن ۽ زمينن تي مون قبضو ڪيو آھي ۔پر هو ٿو چوي جن جي زمينن تي قبضو ڪيو آھي سو مالڪ ته آڻيو ۔ سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته هو لڳايل الزامن مان آجو ٿي ويندو باقي هڪ الزام رهيل آھي جيڪو مخالف جلد عدالت ۾ درخواست ڏيندا ته مون مهرن۽ پوري ضلعي جي عوام جي دلين تي قبضو ڪيو آھي۔