معاملو جج کي معطل ڪرڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي معطل ڪرڻ جو آهي: مريم نواز

اسلام آباد: (بيورو) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز احتساب عدالت جي ارشد ملڪ کي عهدي تان هٽائڻ جي فيصلي تي چيو آهي ته اعليٰ عدليه حقيقتن کي قبول ڪري ورتو آهي.ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي مريم نواز چيو ته الله جو شڪر آهي پر معاملو جج کي معطل ڪرڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي معطل ڪرڻ جو آهي جيڪو هن جج ڏنو. هن چيو ته معاملو ڪنهن جج کي ڪڍڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي عدالت جي رڪارڊ مان ڪڍڻ جو آهي جيڪو هن جج دٻاءَ ۾ ڏنو. سندس چوڻ هو ته معاملو ڪنهن جج کي فارغ ڪرڻ جو ناهي پر ان فيصلي کي فارغ ڪرڻ جو آهي.مريم نواز چيو ته جج کي فارغ ڪرڻ جو مطلب آهي ته اعليٰ عدليه حقيقتن کي قبوليو آهي، ايئن آهي ته فيصلو ڪيئن برقرار رکيو پيو وڃي جيڪو جج ڏنو، فيصلو ڏيندڙ جج کي سزا ٻڌائي وئي ته بيگناهه نواز شريف کي آزاد ڇو نه پيو ڪيو وڃي. مريم نواز چيو ته جيڪڏهن هڪ جج مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار ٿيو آهي ۽ کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي ته ان مس ڪنڊڪٽ جو نشانو ٿيندڙ کي ڪيئن سزا ڏئي سگهجي ٿي.هن چيو ته نوازشريف 3 ڀيرا وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ پاڪستان جو پهريون ۽ واحد شخص آهي ۽ اهو شخص اڄ بي گناهه ثابت ٿيڻ باوجود جيل جي سلاخن جي پويان قيد آهي. اهو ڪٿي جو انصاف آهي. ڇا صرف جج کي ئي عهدي تان هٽائڻ ڪافي آهي.؟ 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *