ٽائون آفيسر حسن ملاح ڪچن ملازمن لاءِ ڏمر بڻجي ويو،ڪروڙين رپيا هڙپ،192 ملازمن جي پگهار بند،شهر گندگي جي ڍير ۾ تبديل

نصير آباد(رپورٽ؛هريش ڪمار/عاشق ڦلپوٽو) نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي پاران  192ريگيولر ملازمن ۽ 70 ڪچن ملازمن جون پگهارون بند وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن پاران ملازمن جون پگهارون بند ٿيڻ کي انتقام قرار ڏيئي ڇڏيو ڪچن ملازمن شھر ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار شھر ۾ گندگي وڌي ويئي پ پ پ جي پارٽي قيادت نوٽيس ن ورتو رپورٽ موجب نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي ۾ فنڊن جي منصفانا ورهاست توڙي بجيٽ ۾ اعتماد نه وٺڻ ۽ شھر جي ڀلائي لاءِ آيل ڪروڙين روپين جو حساب  ڏيڻ خلاف حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي وائيس چيئرمين ڪائونسلر بخش علي چانڊيو  سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ت اسان شھر جي ڀلائي لاء ڪجھ ب ن ڪري سگهيا آھيون هن سال جي بجيٽ ۾ شھر جي ڀلائي لاء ڪجھ ب ن رکيو ويو آھي چيئرمين پاران پيش ڪيل بجيٽ شھر دشمن آھي  هنن چيو ت نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي سنڌ جي خوشحال ٽائون ڪاميٽي جنهن جي پنهنجي انڪم ماهوار چاليهھ لک کان به  مٿي آھي ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماهوار سنڌ سرڪار ڏيئي رهي آھي پر ٽائون ڪاميٽي جي اڪائونٽ ۾ زيرو زيرو آھي هنن چيو ت شھر جي هيڏي وڏي آبادي صفائي پيئڻ جي پاڻي روشنائي رستن کان محروم آھي هنن چيوت ڪروڙين روپين جي بجيٽ وارو شھر نصيرآباد ڪرپشن سبب کنڊرات جو ڏيک ڏيئي رهيو آھي ٽائون چيئرمين بنا جواز 192  ريگيولر ملازمن جي پسند ناپسند جي بنياد تي پگھار بند ڪري ڇڏي آھي پورهيتن جو گذر سفر هن پگهار تي آھي جن غريبن جي چيئرمين پگهار بند ڪري نا انصافي ڪئي آھي هنن چيو ت اسان کي پيپلز پارٽي جي نالي تي ووٽ مليو آھي پ پ پ سدائين روزگار ڏنو آھي پر ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين پ پ پ جو عهديدار هوندي ب اهڙن مسڪين ورڪرن جون پگهارون بند ڪيون آھن جن پارٽي لاء قربانيون ڏنيون آھن هنن پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ت نصيرآباد پ پ پ جو ڳڙھ آھي چيئرمين جي عوام ۽ ورڪرن سان ٿيندڙ نا انصافين جو نوٽيس ورتو وڃي 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *