ڏوڪري.(رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان دادو ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ پڇڙي وارين شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مهراڻي شاخ جا آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا ٽريڪٽر ٽرالين موٽر سائينڪلن تي چڙهي مهراڻي شاخ تي پهچي نٽهڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا مظاهرين ايريگيشن آفيسرن ۽ عملي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي جنهن سبب ڏوڪري موهن جو دڙو لاڙڪاڻو ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ مڪمل جام ٿي ويئي سنڌ جي مشھور سگهڙن به احتجاجي مظاهري ۾ پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي رجب ٻگهيو انعام پيرزادو شھزادو مشوري محمد رمضان هليو محمد ملوڪ پنهور ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته مهراڻي شاخ جا دروازا بند ڪري اتان جي با اثرن تالا ھڻائي ڇڏيا آهن جنهن سبب پڇڙي جا آبادگار پاڻي جي ڦڙي لاء سخت پريشان آهن هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب ساريالو فصل پوکجي نه سگهيو آهي هنن چيو ته جن علائقن ۾ ساريالو ٻيجارو پوکيو ويو آهي پر پاڻي نه هجڻ سبب اهو ساريالو ٻيجارو سڙي رهيو آهي جڏھن ته زمينون بنجر بڻجي ويون آهن هنن چيو ته انجنيئر منير احمد موريو سڌي طرح اسان آبادگارن کان رشوت گهري رهيو آهي هنن چيو ته انجنيئر ۽ ايس ڊي او ايريگيشن جا ايجنٽ داروغا بيلدار ۽ آبدار مقامي آبادگارن کي رشوت لاء تنگ ڪري رهيا آهن ۽ پاڻي عيوض رشوت طلب ڪري رهيا آهن جنهن سبب هتان جا آبادگار طبقو سخت ذهني مونجهاري ۽ مشڪلات جو شڪار ٿي ويو آهي هنن سپريم ڪورٽ ۽ آبپاشي جي صوبائي وزير توڙي ضلعي انتظاميه ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير مهراڻي شاخ جي دروازن کي هٿرادو لڳل تالا ٽوڙي اسان کي پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن سڙندڙ ٻيجارو اسان جا بچي پون ۽ ساريالو فصل وقت سر پوکجي سگهي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.