رهبر ڪميٽي سينيٽ چيئرمين جي لاءِ مير حاصل بزنجو جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو

اسلام آباد: (بيورو) رهبر ڪميٽي چيئرمين سينيٽ جي لاءِ بلوچستان  نيشنل پارٽي جي مير حاصل بزنجو جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب رهبر ڪميٽي جي اڳواڻ اڪرم دراني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جي پارٽين حاصل بزنجو جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. سموريون مخالف ڌر جون پارٽيون چيئرمين سينيٽ جي لاءِ حاصل بزنجو کي ووٽ ڏينديون ۽ ٻين پارٽين کان حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون.رپورٽ موجب جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ اڪرم دراني جي صدارت هيٺ رهبر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فرحت الله بابر، هاشم بابر، طاهر بزنجو، شفيق پسروري، نيئر بخاري، اڪرم دراني، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال شرڪت ڪئي. اڪرم دراني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مخالف ڌر طرفان حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين جي لاءِ نامزد ڪيو آهي. سموريون مخالف ڌر جون پارٽيون حاصل بزنجو کي ووٽ ڏينديون. هن جو چوڻ هو ته حاصل بزنجو جو نالو اتفاق راءِ سان طئي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف به مير حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين بنائڻ جي فيصلي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب مخالف ڌر جي 9 پارٽين مير حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين مقرر ڪيو آهي جڏهن ته پ پ جو سليم مانڊيوالا ڊپٽي چيئرمين سينيٽ رهندو ۽ (ن) ليگ جو راجه ظفرالحق سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور ڪم ڪندو رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *