اسلام آباد: (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ يو اين انساني حقن جي ڪميشن جي ٻئي رپورٽ جي آجيان ڪريون ٿا، رپورٽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ثبوت آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪرائي.هن چيو ته آمريڪي صدر جي دعوت تي وزيراعظم 21 جولاءِ تي آمريڪا ويندو، پاڪستان ڪرتارپور راهداري تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت ڪيترو ڪيو ڪا خبر ناهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي وحشياڻي بربريت جاري آهي، قابض ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري شهيد ٿي ويو آهي. هن چيو ته يو اين انساني حقن جي ڪميشن جي ٻئي رپورٽ جي آجيان ڪريون ٿا، رپورٽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ثبوت آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪرائي، ڀارت کي هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم کان روڪي. وزيراعظم جي آمريڪي دوري بابت ڊاڪٽر فيصل چيو ته آمريڪي صدر جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان 21 کان 23 جولاءِ تي آمريڪا ويندو، وزيراعظم جي آمريڪي دوري بابت تفصيل ڏئي چڪا آهن ۽ وزيراعظم آمريڪي ۾ ترسڻ جو بيان به ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته ڪرتارپور راهداري تي 14 جولاءِ تي ڳالهيون ٿينديون، پاڪستان 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري چڪو آهي، ڀارت ڪيترو ڪم ڪيو کين ڪابه خبر ناهي، ڪرتارپور راهداري معاهدي جا تفصيل اڃا سامهون نه ٿا آڻي سگهجن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته دوحا ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندو رهندو، ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ 17 جولاءِ تي فيصلو اچي ويندو.هن چيو ته راندين کي سياست لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان راندين کي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ تي احتجاج ڪيو آهي،پاڪستان اتر ڪوريا تي لاڳو پابندي تي مڪمل عمل ڪيو آهي، ڪنهن اتر ڪوريا جي شهري کي پاڪستاني ويزا جاري نه ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته ايران جي ائٽمي مسئلي جو پرامن حل ڪڍيو وڃي.