لاهور: (م د) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڊپ انسان کي سک سان حڪومت ناهي ڪرڻ ڏيندو۔هن منڊي بهاءُالدين ۾ جلسي کان اڳ ن ليگي ڪارڪنن جي گرفتارين کي حڪمرانن جي ڊپ هجڻ سان تعبير ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته ڊپ انسان کي سک سان جيئڻ به ناهي ڏيندو، ان سان گڏوگڏ ڊپ ڪندڙن لاءِ ويچاري جو لفظ به استعمال ڪيو.