ڪراچي: (م ڊ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل طرفان خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ کانپوءِ ڪراچي جي واپارين هڙتال جي ڪال واپس وٺي ڇڏي.رپورٽ موجب واپاري ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن گونر هائوس ڪراچي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان ملاقات ڪري پنهنجا خدشا ۽ مطالبا پيش ڪيا، گورنر ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب رهيون ۽ وفاقي حڪومت طرفان يقين ڏيارڻ کانپوءِ واپارين هڙتال جي ڪال واپس وٺي ڇڏي.گورنر سنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايڪشن ڪميٽي اسان جي سامهون 11 نقاطي ايجنڊا رکي جنهن تي هن ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايف بي آر چيئرمين يقين ڏياريو ته هو واپارين جي خدشن کي ختم ڪندو، هن جو چوڻ هو ته ڪومت جا معاشي مسئلا ٽيڪس ڏيڻ سان حل ٿيندا آهن، ٽيڪس ڏيندو ته ملڪ قرضن مان نڪرندو.عمران اسماعيل ن ليگ طرفان احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو ردعمل ۾ چيو ته مون کي يقين آهي ته ليگ ٿيندڙ وڊيو ڪوڙي آهي، فرانزڪ آڊٽ ۾ جلد سچ سامهون اچي ويندو.ان موقعي تي واپاري ايڪشن ڪميٽي ميمبرن چيو ته وفاقي حڪومت جي يقين ڏيارڻ تي فوري طور هڙتال جي ڪال واپس وٺي رهيا آهيون جڏهن ته مطالبا پورا نه ٿيا ته ڇنڇر کان هڙتال ڪنداسين.