وزيراعظم پاران بي نامي ملڪيتن جي نشاندهي ڪندڙن کي ڏهه سيڪڙو رقم ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان بي نامي پراپرٽي جي نشاندهي ڪرڻ تي انعامي رقم 3 سيڪڙو وڌائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ احساس پروگرام جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اقتدار ۾ رهندي دبئي ۽ لنڊن جا 40، 40 دورا ڪيا، اهي سڀ دورا قومي جي پئسن مان ڪيا ويا، انهن قوم کي قرضي ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ قوم جي دولت کي لٽيندا رهيا.عمران خان چيو ته هر جاءِ تي ناانصافي آهي، هيٺئين طبقي تي ظلم ٿي  رهيو آهي، اڄ خبر پئي ته 5 سيڪڙو پاڪستانين کي هيپاٽائيٽس سي آهي، نئين پاڪستان ۾ غربت جو خاتمو ٿيندو، غربت گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پروگرام آڻي رهيا آهيون جنهن ۾ هر وزارت جو ڪردار هوندو، حڪمرانن جو ڪم هو ته قوم کي علاج جون سهولتون مهيا ڪري پر هتي ته مقتدر طبقو قوم جي ٽيڪس جي پئسن مان پرڏيهه ۾ علاج ڪرائيندو رهيو جڏهن ته اهي ماڻهو جيل ۾ به ويندا آهن ته انهن کي لنڊن مان علاج ڪرائڻو هوندو آهي، 30 سال اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود انهن ڪا اسپتال نه ٺاهي.عمران خان چيو ته شهباز شريف مون کي چوندو آهي ته ايترو ڪريو جيترو برداشت ڪري سگهو، منهنجو شهباز شريف کي پيغام آهي ته مان موت به برداشت ڪري سگهان ٿو، پر اوهان موت برداشت نه ٿا ڪري سگهو ڇو ته اوهان جو پئسو ٻاهر پيل آهي جنهن کي اوهان انجوائي ڪرڻ چاهيو ٿا ان لاءِ اوهان کي فڪر آهي ته ڪٿي مري نه وڃون.وزيراعظم عمران خان آهي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو شخص به ملڪ ۾ يا پرڏيهه ۾ ڪنهن پاڪستاني جي بي نامي پراپرٽي جي نشاندهي ڪندو ان کي 3 سيڪڙو بدران 10 سيڪڙو حصو ڏنو ويندو ۽ بي نامي پراپرٽي مان جيڪو به پئسو ايندو اهو سڀ احساس پروگرام ۾ وجهنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *