اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: (بيورو)  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ اسيمبلي جي مميبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي اثاثن جي ماليت 22 ڪروڙ 88 لک روپيا آهي جڏهن ته اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي سورنهن ڪروڙ چوراسي لک سان سڀ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي ٿاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي اثاثن جي ماليت 22 ڪروڙ 88 لک روپيا آهن.مراد علي شاهه جي ملڪيت جي ماليت 4 ڪروڙ 15 لک روپيا آهي، سنڌ جي وڏي وزير وٽ هڪ ڪروڙ 42 لک روپيا ماليت جون ٻه گاڏيون آهن، مراد علي شاهه جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 16 ڪروڙ 89 لک روپين کان وڌيڪ آهن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي گهرواري وٽ هڪ ڪلو کان وڌيڪ سون آهي.سنڌ اسيمبلي جي اپويشن ليڊر فردوس شميم نقوي 16 ڪروڙ 84 لک کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي، فردوس شميم نقوي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ قرض به نڪتو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر 38 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جا اثاثا ظاهر ڪيا، فريال ٽالپر موجب سندس پرڏيهه ۾ ڪابه ملڪيت ناهي، فريال ٽالپر هڪ ڪلو سون جي مالڪياڻِ به آهي، فريال ٽالپر جون ٻئي ڌيئرون ڪروڙ پتي، فاطمه ٽالپر 3 ڪروڙ 31 لک، عائشا ٽالپر 14 ڪروڙ کان وڌيڪ جي اثاثن جي مالڪياڻي آهي.سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني 6 ڪروڙ 40 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي، ڊاڪٽر عذرا فضل 10 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪياڻي آهي، بلديات بابت وزير سعيد غني ٻه ڪروڙ، سهيل انور سيال 7 ڪروڙ کان وڌيڪ جو مالڪ آهي، حليم عادل شيخ  جي اثاثن جي ماليت هڪ ڪروڙ 93 لک روپيا آهي.علي گوهر مهر 26 ڪروڙ، قام علي شاهه 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، شرجيل ميمڻ 3 ڪلو سون سميت 37 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنور نويد جميل 5 ڪروڙ 23 لک، خرم شرزمان 5 ڪروڙ 94 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي.عورت اسيبلي ميمبر ثروت فاطمه وٽ گهر نه آهي ۽ نه ئي گاڏي، ان وٽ صرف هڪ لک 20 هزار روپين جا اثاثا آهن، خواجا اظهار الحسن هڪ ڪروڙ 17 لک اثاثن جو مالڪ آهي جڏهن ته 54 لک جو قرضي نڪتو، سيد شهلا رضا هڪ ڪروڙ 89 لک کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪياڻي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *