اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن عمران خان کان هڪ هڪ ظلم جو حساب ورتو ويندو: شهباز شريف

لاهور: (م ڊ)  مسلم ليگ ن جي نائب صدر شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان کي وارننگ ڏيان ٿو، ڪريل حرڪتن کان مڙي وڃي، اهو وقت پري ناهي جڏهن عمران خان کان هڪ هڪ ظلم جو حساب ورتو ويندو.ڪوٽ لکپت جيل آمد تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪارڪنن کي نواز شريف سان ملڻ ڏيو، قوم توهان کان هڪ هڪ ظلم جو حساب وٺندي. هن چيو ته راڻا ثناءَ الله ۽ سلمان رفيق کي سمورين سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، عوام ۽ ڪارڪن حوصلو رکن، الله جي مدد اسان سان گڏ آهي.سندس چوڻ هو ته نواز شريف ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي، نواز شريف ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، سي پيڪ ڏنو. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته عمران خان اهو وقت پرڏيهي ناهي جڏهن توهان کان هڪ هڪ ظلم جو حساب ورتو ويندو، نواز شريف جي پروانن کي ملاقات کان روڪيو پيو وڃي.هن چيو ته ملاقات نه ڪرائڻ عمران خان جي فاشسٽ ذهنيت جو نتيجو آهي، نواز شريف جي خاندان جي رڳو پنجن ماڻهن کي ملڻ جي اجازت آهي، عمران خان ايترو بار کڻو جيترو سڀاڻي حساب ڏئي سگهين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *