اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نئون پاڪستان آئين ۽ قانون جي حڪمراني جو نالو آهي.تفصيل موجب خاص معاون فردوس عاشقاعواڻ ساجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته قانون کان ڪوبه مٿانهون ناهي.نئون پاڪستان آئين ۽ قانون جي حڪمراني جو نالو آهي، خاص معاون جو چوڻ هو ته قانون کي پنهنجو تابع بڻائيندڙڻ کي پهريون ڀيرو آزاد قانون کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، رڙيون ته ٻڌڻ ۾ اينديون.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مسلم ليگ ن جي قيادت پٺ تي پيل ذهنيت جي ڳالهه ڪري ٿي ته ماڊل ٽائون ۾ قتل ٿيل معصوم ماڻهن تي وسندڙ گوليون ياد اچي وڃن ٿيون.عورتن ۽ ضعيفن تي بيرحماڻو تشدد فسطائي رويو هو، سياست جا گلو بٽ ڪهڙي منهن سان ليڪچر ڏئي رهيا آهن.