پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي مڪمل بحالي تائين سک جو ساهه نه کڻندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (م ڊ)  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمرن ۽ ان جي ڪٺ پتيلن معاشري، معيشت ۽ جاگرافيا کي سخت نتقصان پهچايو پر پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جموريت جي مڪمل بحالي تائين سک جو ساهه نه کڻندي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 5 جولاءِ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته آمرن ۽ ان جي ڪٺ پتلين معاشري، معيشت ۽ جاگرافيا کي سخت نقصان پهچايو، ضياءَ منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن سان ملڪ ۾ نفرت، لسانيت ۽ مذهبي منافرت جا ٻج پوکيا جڏهن ته شهيد ڀٽو سمجهندو هو ته غربت ۽ افلاس قدرت جي نه انسانن جي پيدا ڪيل آهي، شهيد ڀٽو پوري قوم کي جاڳايو ۽ ان کي بااختيار بڻايو.بلاول چيو ته بيگم ڀٽو ۽ شهيد بي بي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، قائد عوام طرفان ڪمزور طبقن کي بااختيار بڻائڻ تي استحصالي گروهه جاڳي پيو جڏهن ته استحصالي گروهه جي سازشن شهيد ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو ڪيو.بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جي مڪمل بحالي تائين سک جو ساهه نه کڻندي، سليڪٽيڊ وزيراعظ مملڪ جي هر اداري، معيشت، قدرن کي تباهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر جمهوريت بهترين انتقام آهي جي نعري هيٺ آمريتي عنصرن ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم خلاف جدوجهد جاري رهندي.بلاول چيو ته آصف زرداري خلاف انتقامي ڪارروائيون 5 جولاءِ 1977ع جو تسلسل آهن، آمريتي عنصرن ۽ جمهوريت پسندن وچ ۾ جنگ اڃان جاري آهي، ڪجهه به ڪري وٺو آخري فتح پاڪستاني عوام جي هوندي، اچو اڄ نظرئي جي جمهوريت سان نئون عهد ڪريون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *