مهمند: (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته راڻا ثناءُالله جي منشيات حرام آهي پر وزيراعظم جي منشيات حلال آهي.مهمند ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻوڪي حڪومت جو ٻٽو معيار آهي، حڪومت جو هڪ نه ٻه پاڪستان ڏسو جنهن ۾ جهوپڙي حرام ۽ بني گالا حلال آهي، ايم ڪيو ايم جي فارن فنڊنگ حرام ۽ پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ حلال آهي، راڻا ثناءُالله جي منشيات حرام آهي پر وزيراعظم جي منشيات حلال آهي، نواز شريف جي آف شور حرام ۽ لاڏلي جي آف شور حلال آهي، اهي ڪوڙا ماڻهو آهن جيڪي ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي، هر شئي تي ٽيڪس لڳايو ويو، وزيراعظم پنهنجي ئي پيش ڪيل بجيٽ تي ووٽ نه ڏنو ۽ هاڻ وزيراعظم ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري جي دور ۾ قبائلي علائقن جي فنڊ لاءِ 500 سيڪڙو ۽ پگهارن ۾ 150 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، اسان جي حڪومت پينشن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي جڏهن ته انقلابي سي پيڪ منصوبو شروع ڪيو، پر هاڻ تبديلي ۽ انصاف جي نالي تي عوام جا سمورا حق کسيا پيا وڃن، نئون پاڪستان ۽ تبديلي جي نالي تي سمورا حق غضب ڪيا پيا وڃن، اوهان جا جمهوري حق پامال ۽ انساني حقن کي تباهه ڪيون پيو وڃي.