تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي گرڊ ۾ 22550 ميگا واٽ بجلي جي شموليت سان 2 جولاءِ تي اسان فراهمي جي بلند ترين سطح تائين پهچي ويا آهيون. وزيراعظم عمران خان توانائي واري وزارت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته قومي گرڊ ۾ اضافي بجلي شامل ٿيڻ کانپوءِ سمورو نظام الحمدالله بنا رنڊڪ فعال آهي، گذريل گرمي جي موسم جي بلند ترين سطح سان هي مقدار تقريبن 3 هزار ميگا واٽ وڌيڪ آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت گئس چوري جو به ڀرپور پيڇو ڪري رهي  آهي، وچ اپريل کان هلندڙ مهم جي نتيجي ۾ هن وقت تائين نشاندهي کانپوءِ 18 هزار غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن جن جي ماليت 2 ڏهائي 3 ارب روپين کان به وڌيڪ آهي.سندس چوڻ هو ته بهترين ڪارڪردگي تي توانائي واري وزارت کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، جنهن 8 مهينن ۾ گذريل سال جي عرصي جي مقابلي ۾ 106 ارب رپين جي اضافي آمدني حاصل ڪئي جنهن جو 75 سيڪڙو چوري خلاف مهم جو نتيجو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *