لاهور: (م ڊ) ) پابندي مڙهيل جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد سميت ٻين اڳواڻن خلاف دهشتگردن جي مالي مدد جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.پنجاب جي دهشتگردي جي انت واري کاتي دهشتگردي ۾ ملوث پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.دهشتگردن جي مالي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ لاهور، گوجرانوالا ۽ ملتان ۾ پنجن پابندي مڙهيل تنظميمن خلاف دهشتگردي ايڪت تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.اهڙين تنظيمن ۾ دعوه الارشاد ٽرسٽ، معاذ بن جبل ٽرسٽ، الانفال ٽرسٽ، المدينا فائونڊيشن ٽرسٽ ۽ الحمد ٽرسٽ شامل آهن. ڪيسن ۾ حافظ محمد سعيد، عبدالرحمان مڪي، امير حمزا، محمد يحيٰ عزيز کي نامزد ڪيو ويو آهي. اهڙن ماڻهن تي ٽرسٽس جي نالي تي دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد لاءِ فنڊ ڪرڻ جا الزام آهن.سي ٽي ڊي موجب پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف وڏي پئماني تي جاچ ۽ تحقيق کانپوءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي. اهڙين نفعو نه ڏيندڙ تنظيمن ۽ ٽرسٽن جي اثاثن ۽ پراپرٽيز ذريعي دهشتگردي لاءِ مالي سهولتڪاري ڪئي وئي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل به ان تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي.