سنڌ جي صوبائي حڪومت ۾ تبديلي پي ٽي آءِ جي قيادت لاءِ ھڪ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو آھي؛مراد علي شاهه

 ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ جي صوبائي حڪومت ۾ تبديلي پي ٽي آءِ جي قيادت لاءِ ھڪ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو آھي، ھاڻ اھي جادوئي ٽوٽڪا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن پر انھن جا اھي جادوئي ٽوٽڪا سنڌ ۾ ڪم نھ ٿا ڪري سگھن. ھن اھا ڳالھھ اڄ ٻن مختلف ھنڌن الجامع سيفيھ المھلات البرھانيھ جو دورو ڪرڻ ۽ ان بعد تعمير ھيٺ شھيد ملت انڊرپاس، طارق روڊ انٽرسيڪشن انڊرپاس جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيون. ان موقعي تي مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير سعيد غني ۽ سڌسماءَ وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب سندس گڏ ھئا. وڏي وزير ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ پي ٽي آءِ جي قيادت جو خواب جو سنڌ ۾ تبديلي آندي وڃي پر انھن جو اھو خواب ڪڏھن بھ پورو نھ ٿيندو ڇاڪاڻ تھ انھن جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ انگن واري اڪثريت نھ آھي. انھن ھاڻ جادوئي ٽوٽڪن بابت ڳالھائي رھيا آھن ۽ کيڏندا رھيا آھن جنھن تحت انھن مرڪز ۾ حڪومت بڻائي آھي. ھن خوشگوار پر تنقيدي انداز ۾ چيو تھ سندس چوڻ آھي تھ انھن جا جادوئي ٽوٽڪا سنڌ ۾ ڪم نٿا ڪري سگھن. ھن چيو تھ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ جيڪڏھن اوھان صوبن کي ڪمزور ڪري رھيا آھيو تھ ان جو مطلب تھ اوھان وفاق کي ڪمزور ڪري رھيا آھيو، ھن اھا ڳالھھ وفاقي حڪومت کي واضح طور ٻڌائيندي ڪئي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مراد علي شاھھ چيو تھ اھو شخص جنھن کي حڪومت جو ڪوبھ تجربو نھ آھي ۽ ان کي ان جي سسٽم وزيراعظم بڻايو آھي. ھن چيو تھ ھاڻي طاقت جي نشي ۾ ھن (وزيراعظم) پاڪستان جي ماڻھن تي تجربا ڪرڻ شروع ڪيا آھن. ھن چيو تھ ھن پنھنجي پھرين تجربي ۾ ملڪ اندر اگھن ۾ تمام گھڻي واڌ ڪندي غريب ماڻھن جي منھن مان مانيءَ جو ڳڀو پڻ کسي ورتو آھي. مراد عيل شاھھ چيو تھ وزيراعظم ھر ھڪ کي چور ۽ ڌاڙيل سمجھي پيو پر ھُو اھا ڳالھھ وساري ڇڏي آھي تھ ھن پاڻ نيب ڪيسن کي منھن ڏنو آھي. ھن چيو تھ اوھان ھاڻي ڪڏھن بھ ماڻھن تي ڌٻاءُ وجھي حڪومت ڪري سگھو ٿا ۽ نھ ئي آواز ڌٻائي سگھو ٿا پر اوھان کي گھرجي تھ سڀني سان سٺي ريت واري برتاءَ سان پيش اچو ۽ حڪمران طور تي پيش اچو. ھن چيو تھ ڌمڪين ۽ ڌٻاءَ ذريعي ماڻھن کي خاموش ۽ انھن جي حقن لاءِ اٿندڙ آواز کي روڪي نھ ٿا سگھو. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تھ ھُو ذاتي طور ت ايمنسٽي اسڪيمن جي خلاف آھي ڇاڪاڻ تھ انھن اسڪيمن تحت حڪومت غيرقانوني طريقي سان حاصل ڪيل دولت کي قانوني شڪل ڏيندا آھن. ھن چيو تھ سياستدانن کي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ جو حق نھ آھي. ھن چيو تھ جڏھن انھن جي ايمنسٽي اسڪيم ناڪام ٿي ويندي تھ اھي ماڻھن جي گھرن تي چڙھائي شروع ڪندا. ھن چيو تھ اھڙي قسم جي ماحول ۾ ماڻھو خوف محسوس ڪري رھيا آھن ۽ ماڻھن سندن سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪرڻ شروع ڪندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *