عمران خان مخالفن کي گرفتار ڪري معاشي قتل عام تان ڌيان نه ٿو هٽائي سگهي: بلاول

ڪراچي:(م ڊ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي بجيٽ معيشت جو ساهه ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان پنهنجي مخالفن کي گرفتار ڪري معاشي قتل عام تان ڌيان نه ٿو هٽائي سگهي ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آءِ ايم ايف جي بجيٽ معاشي قتل شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته حڪومت جا فسطائيت تي ٻڌل طريقا به هاڻي وڌندا ويندا.سندس چوڻ هو ته عمران خان سوچي ٿو ته هو تنقيد ڪندڙن کي گرفتار ڪندو ته عوام معاشي قتل عام تي ڌيان نه ڏئي سگهندا ، روم جا شهري بک مرندا هئا ته بادشاهه سيزر گليڊيئٽر ويڙهاڪن جي راند ذريعي عوام جو ڌيان هٽائيندو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *