اسلام آباد: (بيورو) ايف بي آر بي نامي ملڪيتن خلاف ايڪشن کڻندي ليگي سينيٽر چوڌري تنوير جي ملازمن جي نالي تي ٺاهيل ڇهه هزار ڪينال زمين ضبط ڪري ورتي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ به ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب مسلم ليگ ن جي سينيٽر چوڌري تنوير ضبط ڪيل 6 هزار ڪينال زمين پنهنجي ملازمن جي نالي تي ٺاهي رکي هئي. ذريعن موجب چوڌري تنوير جي جن ملازمن جي نالي تي اهي ملڪيتون ٺاهيون ويون انهن ۾ عبدالعزيز، اظهر، موهن معروف، شاهجهان بيگم ۽ راجا شڪور شامل آهن، ايف بي آر طرفان ملازمن کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.هوڏانهن ايف بي آر طرفان ڪراچي ۾ به بي نامي ملڪيتن جي ضبطگي شروع ٿي وئي آهي، ايف بي آر ذريعن موجب ڪلفٽن جي علائقي ۾ گهر نمبر 122 بلاڪ 5 ضبط ڪري و رتو آهي، ان پلاٽ جو مالڪ نديم احمد خان ايف بي ايريا ۾ رهيل آهي.ڪراچي ۾ پراپرٽي نمبر 126 سول لائنز کي ضبط ڪندي مارشل هومز بلڊرز جڏهن ته پراپرٽي نمبر 18/2 سول لائنز ضبط ڪندي پلازا اينٽرپرائزز کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه بي نامي شيئرز کي بند ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي، ايف بي ڪمڪوجب ٺٽي سيمنٽ جا 2 ڪروڙ 26 لک شيئرز فرضي ڪمپني اسڪائي پاڪ هولڊنگ ۽ المفتاح هولڊنگ نالي فرضي ڪمپني کنيا آهن جڏهن ته 70 لک شيئر بي نامدار رائزنگ اسٽار جي کاتي ۾ پيل آهن.ايف بي آر موجب پارڪ ويو اسٽاڪ ڪيپيٽل سمٽ بينڪ جا 3 ڪروڙ شيئرز رکندڙ بينامدار آهي، سمٽ بينڪ جا 3 ڪروڙ شيئرز سيراڪوم نالي بي نامدار جي ملڪيت ۾ ٻڌايا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو وڏن ٽيڪس چورن خلاف ايڪشن وٺندي ملڪ جا 50 وڏن بي نامي دارن لاءِ نوٽيس تيار ڪري ورتو آهي.