اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري تي سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو) وفاقي سرڪار سنڌ ۽ بلوچستان مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم جي خاص صلاحڪار نعيم الحق هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبر جي مقرري بابت قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي ڊيڊ لاڪ جو شڪار آهي،  وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، ڊيڊ لاڪ کانپوءِ ڇا ڪيو وڃي آئين خاموش آهي،  سپريم ڪورٽ اسان کي ٻڌائي ته سيٽن کي ڪيئن ڀريو وڃي.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن جو سنڌ مان ميمبر عبدالغفار سومرو  ۽ بلوچستان مان شڪيل احمد بلوچ 26 جنوري تي رٽائرڊ ٿيا، آئين موجب 45 ڏينهن ۾ ميمبرن جي مقرري لازمي آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ مشوري سان نالا پارلياماني ڪميٽي کي موڪليندا آهن.پارليامان ڪميٽي اسپيڪر طرفان جوڙي ويندي آهي جنهن ۾ 50 سيڪڙو ماڻهو حڪومتي بئنچ ۽ 50 سيڪڙو ميمبر مخالف ڌر جي پارٽين مان هوندا. اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن تي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *