واشنگٽن: (م ڊ) آمريڪا طرفان هوائي حملي جو فيصلو واپس وٺڻ کان پوءِ ايران تي سائبر حملو ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب سائبر حملي ۾ راڪيٽن ۽ ميزائل فائر ڪندڙ ڪمپيوٽرن کي هيڪ ڪري ناڪاره بڻايو ويو آهي. نيويارڪ ٽائيمز ايران تي سائبر حملي کي آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ ۽ تيل جي جهازن تي حملي جو رد عمل قرار ڏيندي لکيو آهي ته ان جو مقصد سسٽم کي محدود وقت جي لاءِ آف لائين ڪرڻو هو.ايران خلاف فوجي ڪارروائي جو فيصلو ڇو بدلايو ويو.؟ آمريڪا جي ڪيترن ئي مقامي خبرون ڏيندڙ ذريعن موجب مذڪوره سائبر حملي جي لاءِ ڪيترن ئي هفتن کان تياريون ڪيون پئي ويون. ان حملي جو مقصد هٿيارن جي سسٽم کي ناڪاره بنائڻ هو جيڪو ايراني انقلابي گارڊز جي استعمال هيٺ آهي.گذريل ڏينهن ئي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ خبردار ڪيو هو ته ايران آمريڪا تي سائبر حملن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. سائبر سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر جي موجب ايران جي طرفان شڪي سائبر سرگرميون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. جنهن ۾ آمريڪي حڪومت جي ايجنسين ۽ صنعتن کي نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. واشنگٽن پوسٽ موجب ايران آمريڪا جي ساموندي جهازن جي لاءِ ٺاهيل ڪمپيوٽر نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.