نيويارڪ: (م ڊ) پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاس فورس جي بليڪ لسٽ کان بچڻ لاءِ 3 اهم ملڪن جو تعاون حاصل ڪري ورتو.ترڪ خابرو اداري موجب ڪامياب سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان ترڪي، چين ۽ ملائيشيا جي حمايت حاصل ڪري ورتي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جا امڪان گهٽجي ويا.فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس طرفان پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ ۽ نه وجهڻ بابت حتمي اعلان آڪٽوبر ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته 36 ملڪن تي ٻڌل ايف اي ٽي ايف جي چارٽر موجب ڪنهن به ملڪ جو نالو بليڪ لسٽ ۾ نه وجهڻ لاءِ ٽن ملڪن جي حمايت لازم آهي.