مخالف ڌر بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو، واپس وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد: (بيورو)  قومي اسيمبليءَ جي بجيٽ اجلاس جي دوران مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪندي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران شهباز شريف خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف  جي حڪومت جو بجيٽ آءِ ايم ايف جو بجيٽ آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا. شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ ٽئين مهيني آءِ ايم ايف وٽ ويندي ۽ چوندي ته اسان حدف پورو نه ڪري سگهياسين پوءِ قومي سطح تي سمجهوتا ڪيا ويندا. جنهن سان پاڪستان جي معيشت وڌيڪ خراب ٿيندي.شهباز شريف چيو ته بجيٽ ظلم جي تلوار آهي جيڪا عام ماڻهن جي ڳچيءَ وڍڻ ۽ هاري جي روزي ڦرڻ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي. عوام جي ڀلائي لاءِ بجيٽ هجي ها ته پنج شيون ضروري هجن ها. ان مان سڀ کان پهرين نوڪريون هجڻ گهرجن ها.مهانگائي کي ٻن يا ڏيڍ  سيڪڙو تائين کڻي اچن ها. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو بجيٽ آءِ ايم ايف ٺاهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي چيو هو ته روينيو 8 هزار ارب تي کڻي ويندس هي ته 4 هزار ارب جو ٽارگيٽ به پورو ناهي ڪري سگهيو ته 5 هزار  500 ارب جي ٽيڪس جو حدف ڪٿان پورو ڪندو. اسان جي حڪومت ٽيڪس جو ٽارگيٽ پورو ڪيو هو. شهباز شريف چيو ته هي چوندا هئا ته(ن) ليگ جي حڪومت هروڀرون ٽيڪس هڻندي آهي جيڪو غريبن جو معاشي قتل آهي. هن بجيٽ ۾ 5500 جي روينيو ٽارگيٽ جي لاءِ 70 فيصد اجايو ٽيڪس آهي هي نئون پاڪستان ٺاهڻ آيا هئا. بدترين قدمن سان پاڪستان کي معاشي جهنم بنائي رهيا آهن.  قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو ته عوام دشمن بجيٽ کي مڪمل طور ۽ فوري طور رد ڪيون ٿا. هن چيو ته آني واري ڪڪڙ کي ذبح ڪري ڇڏيندا ته آنو ڪٿان پيدا ٿيندو.شهباز شريف حڪومت کان بجيٽ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عوامي خواهشن جي ابتڙ بجيٽ ٻيهر پيش ڪئي وڃي. گيهه ۽ تيل تي ٽيڪس واپس ورتو وڃي. مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ مزدوري 20 هزار روپيه ڪئي وڃي. گريڊ 16 جي ملازمن جي پگهار ۾ 50 فيصد تائين اضافو ڪيو وڃي ۽ هڪ لک روپيه مهينو پگهار کڻندڙن کي ٽيڪس کان استثنيٰ ڏنو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *