هي بجيٽ آءِ ايم ايف جي اشاري تي نه پر آءِ ايم ايف ئي تيار ڪئي آهي؛شهباز شريف

اسلام آباد؛ شهباز شريف چيو ته وزيراعظم اين آر او جو لفظ ڪيترائي ڀيرا استعمال ڪيو، هو اسان کي نه ٿو ٻڌائي ته اسپيڪر کي ٻڌائي ڇڏي ڪنهن اين آر او گهريو آهي. هن چيو ته هي بجيٽ آءِ ايم ايف جي اشاري تي نه پر آءِ ايم ايف ئي تيار ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري، خواجه سعد رفيق، محسن داوڙ ۽ ٻين چئن اسيمبلي ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن.  شهباز شريف چيو ته سنڌ سرڪار کي به فنڊ نه ڏنا ويا آهن، تحريڪ انصاف سان ميثاق معيشت لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته غلط بياني ڪندڙ وزيراعظم تي قوم ڇا دنيا اعتبار ڪيئن ڪندي.  هن چيو ته وزيراعظم رڙيون ڪري چيو ته شهباز شريف 10 ارب رپين جي پاناما ڪيس ۾ آڇ ڪئي، ملتان ميٽرو ۾ ڪڪ بيڪس ۽ جنگلا بس جو الزام هنيو. سندس چوڻ هو ته عدالتن ۾ گهرايو پر اڄ تائين جواب نه ڏنو ويو آهي.شهباز شريف چيو ته حڪمران يوٽرن جا ماسٽر آهن. مهانگائي غريب ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. اسان حڪومت سنڀالي  ته ان وقت مهانگائي جي شرح 12 سيڪڙو هئي. ڏينهن رات محنت ڪري مهانگائي جي شرح 12 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 3 سيڪڙو تائين آندوسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت هميشه رڙيون ڪندي آهي ته سوشل سيڪٽر جي چيمپين آهي تعليم ۽ علاج ۾ هنن جو ڪوبه ثاني ناهي پر هاڻ هو اسان جي منصوبن جون تختيون ڪڍي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن ته نئين تختي آئون هڻندس. اهو حال آهي هنن جي ڪارڪردگي ۽ بدترين نااهلي جو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *