عالمي بئنڪ سان پاڪستان جو نو سئو ارڙنهن ملين ڊالر قرض جو معاهدو طئه ٿي ويو

اسلام آباد: (بيورو)  عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان ۾ قرض جي فراهمي جو معاهدو طئه ٿي ويو آهي. عالمي بئنڪ پاڪستان کي 91 ڪروڙ 80 لک ڊالر قرض ڏيندي. ان حوالي سان معاهدو طئه ٿي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان طرفان اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري نور احمد جڏهن ته عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاما هتو ايلنگوان صحيحون ڪيون.عالمي بئنڪ کان ملندڙ 40 ڪروڙ ڊالر روينيو وڌائڻ جي پروگرام لاءِ هوندا، ٽيڪس  بيس وڌائي ويندي ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.سڌارن جي پروگرام تحت ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي ويندي.  عالمي بئنڪ کان ملندڙ قرض سان 40 ڪروڙ ڊالر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي ترقي تي خرچ ڪيا ويندا.جڏهن ته ٻيا 11 ڪروڙ 80 لک ڊالر ڪي پي ڪي روينيو موبائيلائيزيشن اينڊ ريسورس مئنجيمنٽ پروگرام لاءِ خرچ ڪيا ويندا جنهن تحت ڪي پي ڪي ۾ روينيو ڪليڪشن ۾ اضافو پبلڪ ريسورس مئنجمينٽ ۽ پبلڪ ريسورس مئجمينٽ ۾ بهتري آندي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *