اسلام آباد: (بيورو) نيب اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري ورتو. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال گذريل ڏينهن جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي گرفتاري جي وارنٽ تي صحيحون ڪيون هيون جنهن کانپوءِ سندس گرفتاري جا وارنٽ گذريل رات جاري ڪيا ويا.رپورٽ موجب نيب سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر کي اسلام آباد ۾ زرداري هائوس ويجهو سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ۽ کيس سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.نيب فريال ٽالپر کي پنهنجي آفيس منتقل نه ڪندي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي واقع سندس رهائشگاهه ۾ رکيو ويندو جنهن جي لاءِ نيب سندس رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نيب جي ٽيم فريال ٽالپر جي طبي معائني لاءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم کي سندس رهائشگاهه تي طلب ڪري ورتو آهي. نيب طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فريال ٽالپر ٻيو حڪم اچڻ تائين پنهنجي گهر ۾ قيد رهندي، سندس عزت جو پهريان به احترام رکيو ويو ۽ آئندا به مڪمل خيال رکيو ويندو.