فريال ٽالپور بهادر ڀاءُ آصف علي زرداري جي بهادر ۽ دلير ڀيڻ آهي؛مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (هه آ)  وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽڙ مرتضيٰ وهاب پي پي پي اڳواڻ فريال ٽالپور جي گرفتاري تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته محترمه فريال ٽالپور جي گرفتاري جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا محترمه فريال ٽالپور هر پيشي تي نيب عدالت وئي هن سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪيون پر ان جي باوجود قانوني گھرجون پوريون ڪندڙن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي نيب چيئرمين جو اهو بيان ڪيڏانهن ويو جنهن ۾ عورتن کي گرفتار نه ڪرڻ جو چيو ويو هو گرفتارين جي پويان لڪل ماڻهون ڄاڻي وٺن تي ڦاهي تي جھوٽيندڙ ڪڏهن به گرفتارين کان ناهين ڊڄندا. اسان جي قيادت کان وٺي عام ڪارڪنن تائين جيل ويا لٺيون کاڌيون ۽ ڪوڙا به کاڌا پر ڪڏهن به گھٻرايا ناهين. هن چيو ته فريال ٽالپور بهادر ڀاءُ آصف علي زرداري جي بهادر ۽ دلير ڀيڻ آهي. هو گھٻرائڻ واري ناهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ظلم جي هيءَ ڪاري رات جلد ختم ٿيندي. اسان جي قيادت جون گرفتاريون عوام دشمن بجيٽ کان فرار اختيار ڪرڻ لاءِ آهي هن چيو ته اسان کي آزاد عدليه تي مڪمل اعتماد آهي ۽ توقع آهي ته اسان کي انصاف ضرور ملندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *