اسلام آباد: (بيورو) مسلم ليگ(ن) اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جو جيڪو قرض کڻندي آهي ان جو سمورو رڪارڊ موجود هوندو آهي. عمران خان صاحب اوهان ڪميشن ٺاهڻ جو شورو پورو ڪري وٺو. اسان گرفتارين جي لاءِ تيار آهيون، نيب کان نٿا ڊڄون. جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏينداسين.رپورٽ موجب شاهد خاقان عباسي ليگي اڳواڻن سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رات 12 وڳي وزيراعظم قوم کي خطاب ڪري ٿو، وزيراعظم کي تقرير ڪرڻي آهي ته ڏينهن جو روشني ۾ ڪري، همت آهي ته اسيمبلي ۾ تقرير ڪري. هن چيو ته ڪڏهن به ڪنهن صدر يا وزيراعظم رات جو 12 بجي تقرير ناهي ڪئي. اها حڪومت جي ذهني حالت آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۾ همت آهي ۽ بزدلي ناهي ته پنهنجن ۽ وزيرن جي اثاثن جا تفصيل ويب سائيٽ تي رکي اڇو چٺو پڌرو ٿي ويندو.سندس چوڻ هو ته 72 سالن کان گهٽ عرصي ۾ ٻڌو آهي ته ڪنهن صدر يا وزيراعظم رات 12 وڳي قوم کي خطاب ڪيو هجي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جتي انصاف نه هوندو آهي اتي جمهوريت نه هلندي آهي، پرويز مشرف جي دور ۾ به جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، هاڻي به ڏينداسين. هن چيو ته بجيٽ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته اڄ جمهوريت ۽ معيشت کي خطرو آهي،حڪومت عمران خان وٽ آهي پر کيس ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪميشن ٺاهڻي آهي ته ڀلي ٺاهي وڃي، ملڪ جي خدمت ڪندڙ سياستدانن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نيب ذريعي هڪ ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪو ڳالهائي ٿو تنهن کي دٻايو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته الزام هڻي حڪومت جي ڪمن تان ڌيان هٽايو پيو وڃي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڌمڪيون ڏيڻ سان ڪم نه هلندو حڪومت کي حقيقت کان ڪم وٺڻو پوندو.شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته مشرف جي دور ۾ به جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون اڳيان به ڏينداسين. اسپيڪر قومي اسيمبلي اجلاس کان ڀڄي رهيو آهي. احتساب جي نالي تي اپوزيشن کي دٻايو پيو وڃي. جڏهن ته حڪومت فيل ٿي وئي آهي. مخالف ڌر کي اڳيان اچڻو پوندو. ان موقعي تي خواجه آصف چيو ته عمران خان صاحب چوي ٿو ته اسيمبلي ۾ اچڻ تي بدتميزي ٿي ڪئي وڃي، وزيراعظم چيو هو ته اربع جي ڏينهن اسيمبلي ۾ اچي سوالن جا جواب ڏيندس. اسان ان اربع جو انتظار ڪري رهيا آهيون. نوازشريف مٿان 300 بلين ڊالر ڀارت موڪلڻ جا الزام لڳايا ويا.