اسلام آباد: (بيورو) سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪمران خاندان کي اقتدار جي غرور ٻوري وڌو ۽ شريف خاندان عبرت جو نشان بڻجي به ڪجهه نه سکيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان سڙيل نظام کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو نعرو هڻي آيو آهي، وقت ثابت ڪندو ته عمران خان جو بيانو سچو هو جڏهن ته وزيراعظم جي قدمن سان سياسي گند هڪ طرف ٿي رهيو آهي.خاص معاون چيو ته اڳوڻي حڪمران خاندان کي اقتدار جي غرور ٻوڙيو، شريف خاندان عبرت جو نشان بڻجي به ڪجهه نه سکيو، نواز شريف کي قوم ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻايو پر هو پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهڻ ۾ مصروف رهيو، زرداري کي ڪرپٽ چوندڙ اڄ کيس سياسي قيدي چون ٿا.فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته عوام عمران خان کي احتساب لاءِ ووٽ ڏنو، وزيراعظم انڪوائري ڪميشن جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي لاءِ ٽي او آرز طئه ڪيا پيا وڃن ۽ ڪميشن جي سربراهه جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو.مريم نواز جي تقرير تي ردعمل ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪالهه هڪ راڻي ڪنيزن جي جهرمٽ ۾ غرور واري لهجي ۾ ڳالهايو مريم جي لهجي ۾ غرور ۽ تڪبر مان ثابت ٿيو ته شريف خاندان عبرت جو نشان بڻجي ڪجهه نه سکيو.بجيٽ کي عوامي اميدن جو ترجمان قرار ڏيندي خاص معاون چيو ته وزيراعظم عوام جو احساس ڪندي بجيٽ ۾ ترجيحون شامل ڪيون، بجيت جي ڪڙي گوري کي شوگر ڪوٽيڊ ڪري ڏئي رهيا آهيون جنهن سان مستقبل جي معاشي بيمارين جو علاج ٿيندو.