اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ کنڊ، کاڄرو تيل، گيهه، کير ۽ خُشڪ کير مهانگا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته سيمينٽ ۽ سگريٽ به مهانگا ٿي ويندا، پر هن ڀيري موبائيل سستو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نئين مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ ۾ سگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائي وئي آهي، سيمينٽ جي في ٻوري تي تي 2 رُپيا فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اُن کانسواءِ هڪ هزار سي سي گاڏين تي 2.5 سيڪڙو، هڪ هزار کان 2 هزار سي سي انجڻ وارين گاڏين تي 5 سيڪڙو ۽ 2 هزار سي سي انجڻ ارين گاڏين تي 7.5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ کنڊ تي سيلز ٽئڪس 8 سيڪڙو وڌائي 17 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، اهڙي ريت کنڊ في ڪلو جي حساب سان 3 رُپيا 65 پئسا مهانگي ٿي ويندي. بجيٽ ۾ کاڄرو تيل ۽ گيهه تي به ٽئڪس وڌائي 17 سيڪڙو جي تجويز ڏني وئي آهي. موبائيل فون گهرائڻ لاءِ لاڳيو ٿيل 3 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽئڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن کانپوءِ موبائيل فون سستي ٿي ويندي. هيري جي امپورٽ تي 0.5 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز، جڏهن ته سون ۽ چاندي جي امپورٽ تي هڪ سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن کانپوءِ سون ۽ چاندي به مهانگا ٿي ويندا. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ کير، ڪريم ۽ خُشڪ کير تي 10 سيڪڙو جي شرح سان ٽئڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته دوائن جي پيداوار جي خام مال جي 19 بُنيادي شين تي 3 سيڪڙو امپورٽ ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.