اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سنڌ تائين محدود ٿيندڙن جي عوامي مقبوليت ٻُڙي آهي.فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سچا هجن ها ته جهموريت جو پٽڻو پٽڻ بدران سچائي جو ثبوت ڏين ها، کين سزا سندن پنهنجن هٿن ڏني آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي. وزيراعظم قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيو آهي. حمزه شهباز جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته ادارا آزاد آهن. قانون کان مٿانهون ڪوبه ناهي. قانون جي بالادستي وزيراعظم جو مشن آهي جيڪو جاري رهندو. قومي خزانو لٽيندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته نيب سندن ٺاهيل ۽ چيئرمين سندن پنهنجو مقرر ڪيل آهي، پاناما پيپر اسان جاري نه ڪيو هو. فردوس عاشق چيو ته سنڌ تائين محدود ٿيندڙن جي عوامي مقبوليت ٻڙي آهي، سندس سياسي وجود جو اندازو ڪلهه ڪجهه ماڻهن جي ٻاهر نڪرڻ مان ٿي ويو. هن چيو ته ڪرپٽ ٽولو تحريڪ هلائي پنهنجي رسوائي جو انتظام ڪري رهيو آهي، قومي ناڻو لٽيندڙن جي احتجاج کي عوام رد ڪري ڇڏيندو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته تاريخ شاهد آهي ن ليگ ٻين جي ڪلهن تي سوار ٿي آئي، اها رڳو سازش ڪري سگهي ٿي مزاحمت نه. هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ڪندڙ بي نقاب ٿي ويا آهن. جڏهن به نيب کين گهرائي ٿو ته هو ڪونه ڪو بهانو ڪندا آهن. ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ مختلف قانون ناهن. سڀني کي قانون جو تابع هجڻ گهرجي.